19 برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.
20 پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.
21 پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“
22 پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“
23 پر اھي واڪا ڪري زور رکي چوندا رھيا تہ ”صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ ائين گوڙ ڪري پنھنجي ڳالھہ مڃائي ويا.
24 تنھن تي پلاطس فتويٰ ڏني تہ ”سندن عرض قبول پوي.“
25 ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.