2 اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“
3 پلاطس ھن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين ٿا چئو.“
4 تنھن تي پلاطس سردار ڪاھنن ۽ ماڻھن کي چيو تہ ”ھي مون کي ڪنھن بہ طرح ڏوھي ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
5 پر انھن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يھوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي ھن جاءِ تائين ھي ماڻھن کي باغي ڪندو رھيو آھي.“
6 جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن پڇيائين تہ ”ڇا ھي گليلي آھي؟“
7 جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ھيروديس جي حد جو آھي، تڏھن عيسيٰ کي گليل جي بادشاھہ ھيروديس ڏانھن موڪليائين جو پڻ انھن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھو.
8 ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِجو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.