27 ھن جي پٺيان ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو. انھن ۾ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ھن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.
28 عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو،
29 ڇالاءِجو اھي ڏينھن اچن پيا جڏھن ماڻھو چوندا تہ ’سڀاڳيون آھن اھي عورتون جيڪي سنڍ آھن، جن ڪڏھن بہ ٻار نہ ڄڻيا آھن ۽ نہ ڪڏھن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘
30 انھيءَ وقت اھي پھاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِرو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي لڪايو.‘
31 ڇالاءِجو جيڪي سائي وڻ سان ھيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“
32 انھن ٻين ٻن ماڻھن کي بہ آندو جيڪي ڏوھاري ھئا، تن کي بہ عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا.
33 جڏھن اھي انھيءَ جاءِ تي پھتا جنھن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏھن انھن عيسيٰ ۽ ٻنھي ڏوھارين کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.