43 عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بھشت ۾ ھوندين.“
44 تڏھن منجھند جي مھل کان وٺي ٽپھريءَ تائين سڄي ملڪ تي اوندھہ ڇانيل رھي.
45 سج ڪاراٽجي ويو ۽ ھيڪل جو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.
46 عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين.
47 ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“
48 جيڪي ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي پنھنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانھن موٽيا.
49 پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.