47 ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“
48 جيڪي ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي پنھنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانھن موٽيا.
49 پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
50 يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو.
51 ڪائونسل جي ميمبر ھوندي بہ ھن انھن جي راءِ ۽ فيصلي کي قبول نہ ڪيو. ھو يھودين جي شھر ارمٿيا جو رھاڪو ھو ۽ خدا جي بادشاھت جي انتظار ۾ ھو.
52 ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش جي گھُر ڪيائين.
53 پوءِ ھن لاش ھيٺ لھرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙھي قبر ۾ رکيائين، جيڪا ھڪ ٽڪر تي کوٽيل ھئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل ھئي.