51 ڪائونسل جي ميمبر ھوندي بہ ھن انھن جي راءِ ۽ فيصلي کي قبول نہ ڪيو. ھو يھودين جي شھر ارمٿيا جو رھاڪو ھو ۽ خدا جي بادشاھت جي انتظار ۾ ھو.
52 ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش جي گھُر ڪيائين.
53 پوءِ ھن لاش ھيٺ لھرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙھي قبر ۾ رکيائين، جيڪا ھڪ ٽڪر تي کوٽيل ھئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل ھئي.
54 اھو جمعي جو ڏينھن، يعني يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو ھو.
55 عورتون جيڪي گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون ھيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اھا قبر ڏٺي ۽ اھو بہ تہ عيسيٰ جو ميت ڪيئن ان ۾ رکيو ويو.
56 پوءِ ھو گھر واپس ويون ۽ ميت لاءِ سرھاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون.سبت جي ڏينھن خدائي حڪم موجب انھن آرام ڪيو.