7 جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ھيروديس جي حد جو آھي، تڏھن عيسيٰ کي گليل جي بادشاھہ ھيروديس ڏانھن موڪليائين جو پڻ انھن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھو.
8 ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِجو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.
9 ھن کانئس ڪيترائي سوال پڇيا پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10 سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا.
11 تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بيعزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.
12 انھيءَ ئي ڏينھن پلاطس ۽ ھيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙھيل ھئا.
13 پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.