1 آچر جي ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ جو سوير اھي عورتون قبر تي آيون ۽ سرھاڻيون بہ پاڻ سان کڻي آيون، جيڪي انھن تيار ڪيون ھيون.
2 اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي.
3 جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ.
4 اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.