22 اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون،
23 پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي.
24 اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“
25 تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بيپرواھہ آھيو.
26 ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“
27 پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.
28 جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي.