50 پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيتعنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.
51 جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو.
52 انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا
53 ۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.