1 تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو،
2 ۽ حنا ۽ قائفا سردار ڪاھن ھئا. انھن ڏينھن ۾ خدا جو ڪلام ذڪريا جي پٽ يحيٰ تي رڻپٽ ۾ نازل ٿيو.
3 ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“
4 جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.
5 سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،۽ ھر ڪو جبل ۽ ٽڪري سنئين ڪئي ويندي.ڏنگا رستا سڌا ٿيندا۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنيون ٿينديون.
6 ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“