لوقا 3:11-17 SCLNT

11 ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“

12 محصول اڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انھن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

13 تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اڳاڙيو.“

14 سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“

15 ماڻھو انھيءَ ويچار ۾ ھئا تہ ”ڇا ھي مسيح تہ نہ آھي!“

16 تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو.

17 ھن کي پنھنجو ڇڄ ھٿ ۾ آھي تہ جيئن پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنھنجي ڀانڊي ۾ رکي. پر بُھہ کي اھڙيءَ باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آھي.“