19 پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِجو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين.
20 پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
21 جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو،
22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“
23 جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو،
24 ۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو،
25 يوسف پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اِسليءَ جو ۽ اِسلي پٽ نوگيءَ جو،