22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“
23 جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو،
24 ۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو،
25 يوسف پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اِسليءَ جو ۽ اِسلي پٽ نوگيءَ جو،
26 نوگي پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيح جو ۽ يوسيح پٽ يودا جو،
27 يودا پٽ يوحنا جو، يوحنا پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ شئلتيايل جو ۽ شئلتيايل پٽ نيريءَ جو،
28 نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو،