15 عيسيٰ بابت اھي ڳالھيون ھنڌين ماڳين ھُلي ويون ۽ ماڻھن جا وڏا ميڙ اچي مڙيا تہ ھن جي تعليم ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين.
16 پر ھو پرڀرو ٻاھر اڪيلائيءَ ۾ ويندو ھو ۽ اتي وڃي دعا گھرندو ھو.
17 ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.
18 ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن.
19 پر ميڙ جي ڪري انھن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنھنڪري ھو ڪوٺي تي چڙھي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس ھيٺ ماڻھن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون.
20 جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“
21 تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِجو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“