34 عيسيٰ وراڻين تہ ”جيسين گھوٽ ڄاڃين سان آھي، تيسين اوھين انھن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟
35 پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“
36 عيسيٰ انھن کي ھي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻھو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو ھڻي. جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ھو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اھو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو.
37 ڪوبہ ماڻھو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇوتہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي، پوءِ تہ مئي بہ ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا.
38 پر تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.
39 پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇالاءِجو ھو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آھي.‘“