5 تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“
6 انھن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن.
7 تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.
8 جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِجو آءٌ گنھگار آھيان.“
9 شمعون سان گڏوگڏ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.
10 انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“
11 اھي ٻيڙين کي ڌڪي ڪنڌيءَ تي ڪاھي ويا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھليا.