لوقا 6:19-25 SCLNT

19 سڀني ماڻھن اھا ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس ھٿ لايون، ڇالاءِ⁠جو منجھانئس قدرت پئي نڪتي ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.

20 عيسيٰ پنھنجي شاگردن ڏانھن نھاري چيو تہ”سڀاڳا آھيو اوھين، جي غريب آھيو،ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اوھان جي آھي.

21 سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي بکايل آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين ڍاول ٿيندا.سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي روئو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين کلندا.

22 سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.

23 انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.

24 پر مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.

25 مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا.مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت کلو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا.