لوقا 6:21-27 SCLNT

21 سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي بکايل آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين ڍاول ٿيندا.سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي روئو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين کلندا.

22 سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.

23 انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.

24 پر مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.

25 مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا.مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت کلو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا.

26 مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“

27 ”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو.