لوقا 6:31-37 SCLNT

31 جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو.

32 جيڪي توھان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن اوھان پيار ڪيو تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ گنھگار بہ تہ پنھنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا.

33 جيڪي توھان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن توھان ڀلائي ڪئي تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ ڇالاءِ⁠جو گنھگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

34 جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن.

35 پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.

36 مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“

37 ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.