لوقا 6:38-44 SCLNT

38 ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“

39 عيسيٰ کين ھڪ مثال ڏيئي ٻڌايو تہ ”ڇا ڪو انڌو، ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.

40 ڪوبہ شاگرد استاد کان مٿي نہ آھي، پر ھر ڪو شاگرد جڏھن سکيا پوري ڪندو، تڏھن استاد جھڙو ٿي پوندو.

41 ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟

42 تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“

43 ”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.

44 سڀڪنھن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي، ڇوتہ ماڻھو ڪنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.