6 ھڪڙي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي ھڪ ماڻھو ھو جنھن جو ساڄو ھٿ سڪل ھو.
7 ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.
8 عيسيٰ کي انھن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. ھن سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”اُٿي وچ ۾ ٿي بيھہ.“ ھو اٿي اتي اچي بيٺو.
9 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کان پڇان ٿو تہ سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنھن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“
10 ھُن چوڌاري نھاري ان ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ائين ئي ڪيو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.
11 ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
12 انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري.