13 جڏھن خداوند ان رنزال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“
14 پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“
15 تنھن تي اھو مُڙدو اٿي ويٺو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.
16 انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“
17 اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.
18 اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو.
19 انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“