لوقا 7:2-8 SCLNT

2 جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو.

3 سو جڏھن ھن عيسيٰ بابت ٻڌو تڏھن يھودين جي چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانھن موڪليائين تہ ھو اچي سندس نوڪر کي بچائي.

4 اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري عرض ڪيائون تہ ”اھو ماڻھو مدد جي لائق آھي،

5 سو ان لاءِ ھيءَ مھرباني ڪريو. ھو اسان جي قوم جو گھڻگھرو آھي ۽ ھن اسان کي عبادت⁠خانو ٺھرائي ڏنو آھي.“

6 عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو،

7 نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.

8 آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“