10 رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيتصيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.
11 پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.
12 جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻتہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“
13 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“
14 ڇالاءِجو اھي پنج ھزار کن مرد ھئا. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن کي پنجاھہ پنجاھہ جي ٽولين ۾ ڪري ويھاريو.“
15 شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو.
16 تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.