لوقا 9:13-19 SCLNT

13 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“

14 ڇالاءِ⁠جو اھي پنج ھزار کن مرد ھئا. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن کي پنجاھہ پنجاھہ جي ٽولين ۾ ڪري ويھاريو.“

15 شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو.

16 تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.

17 پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.

18 ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“