لوقا 9:19-25 SCLNT

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“

20 ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“

21 تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“

22 کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“

23 پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

24 ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي جان بچائڻ چاھيندو سو اھا وڃائيندو. پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو، سو انھيءَ کي بچائيندو.

25 جيڪڏھن ماڻھو کڻي سڄي دنيا ھٿ ڪري، پر پنھنجي جان وڃائي يا انھيءَ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏي تہ ڪھڙو فائدو ٿيندس؟