40 مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“
41 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“
42 ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.
43 سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ
44 ”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“
45 پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
46 شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“