46 شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“
47 پر عيسيٰ سندن دل جو اھو خيال ڄاڻي ورتو، سو ھڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي پنھنجي ڀرسان بيھاريائين.
48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِجو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“
49 يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“
50 پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻتہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“
51 جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.
52 پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.