لوقا 9:48-54 SCLNT

48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“

49 يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“

50 پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“

51 جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.

52 پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.

53 پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو.

54 تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“