5 جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“
6 اھي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ مان لنگھندي خوشخبري ٻڌائيندا ۽ ھر ھنڌ ماڻھن کي شفا ڏيندا ويا.
7 ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِجو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“
8 ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاھر ٿيو آھي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آھي.“
9 تنھن تي ھيروديس چيو تہ ”يحيٰ جي تہ مون سسي لھرائي ڇڏي ھئي. پر ھيءُ ڪير آھي جنھن جون ھھڙيون ڳالھيون ٿا ٻڌون؟“ تڏھن ھو عيسيٰ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.
10 رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيتصيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.
11 پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.