51 جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.
52 پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.
53 پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻتہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو.
54 تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“
55 پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو
56 ۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.
57 جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“