54 تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“
55 پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو
56 ۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.
57 جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“
58 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابنآدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“
59 عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“
60 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“